تازه ترين

پرڏيهي حڪومتن کي پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي: پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ

- Advertisement -
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته پرڏيهي حڪومتن کي پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، دهشتگردي روڪڻ لاءِ  افغانستان سان معاملو اٿاريو ويو آهي، افغان اختيارين کي دهشتگرد ٽولن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، آصف مرچنٽ جي آمريڪا ۾ گرفتاري بابت اڃا ڪابه اڳڀرائي نه ٿي آهي،  پاڪستان آمريڪا طرفان ڄاڻ ڏيڻ جو انتظار ڪري رهيو آهي، بنگلاديشي عوام پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪري سگهي ٿو، وچ اوڀر ۾ پيدا ٿيل صورتحال تي ڳڻتي آهي،  غزا ۾ اسرائيل جا ظلم جاري آهن، يهودي فوج جي حملن ۾ 40 هزار فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، اسرائيل جنيوا ڪنونيشن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، والاريل ڪشمير ۾ ڀارت طرفان چئن فلسطينين جو قتل مذمت جوڳو عمل آهي. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته آصف مرچنٽ جي آمريڪا ۾ گرفتاري واري معاملي بابت هن وقت تائين ڪابه اڳڀرائي ناهي ٿي. سندس چوڻ هو ته آصف مرچنٽ بابت آمريڪي حڪومت طرفان ڪابه معلومات فراهم ناهي ڪئي وئي، آصف مرچنٽ جي معاملي تي پاڪستان آمريڪا طرفان ڄاڻ فراهم ڪرڻ جي اوسيئڙي ۾ آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته بنگلاديش جي ماڻهن ۾ پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي، پاڪستان وچ اوڀر ۾ پيدا ٿيل صورتحال تي ڳڻتي ۾ آهي. هن چيو ته ايران کي پنهنجو دفاع ڪرڻ جو ڀرپور حق حاصل آهي، ترجمان اسرائيل طرفان اهڙي قسم جي ڪاررواين تي احتساب ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته غزا ۾ اسرائيل جا ظلم جاري آهن، يهودي فوج جي حملن ۾ 40 هزار فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، اسرائيل جنيوا ڪنونيشن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، والاريل ڪشمير ۾ ڀارت طرفان چئن فلسطينين جو قتل مذمت جوڳو عمل آهي. ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پرڏيهي حڪومتن کي پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، دهشتگردي روڪڻ لاءِ افغانستان سان معاملو اٿاريو ويو آهي، افغان اختيارين کي دهشتگرد ٽولن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
10 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
29.8 ° C
29.8 °
29.8 °
21 %
2.8kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون