- Advertisement -
موسميات کاتي سنڌ ۾ برسات جو نئون الرٽ جاري ڪندي ڪراچي ۾ شهري ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.
موسميات کاتي موجب مون سون جو نئون سسٽم ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين ضلعن تي به اثرانداز ٿي سگهي ٿو.
موسميات کاتي موجب 17 کان 19 آگسٽ دوران ڪراچي ۾ زوردار وسڪاري جو امڪان آهي، ٿرپارڪر، ٺٽو، بدين، حيدرآباد، ٽنڊو محمدخان، ٽنڊو الهيار ۽ سجاول ۾برسات جو امڪان آهي.
اڄ کان 19 آگسٽ دوران گهوٽڪي، سکر، خيرپور، ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور، لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ، نوشهروفيروز، شهيد بينظيرآباد، مٽياري، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، سانگهڙ، ڄامشورو ۽ دادو ضلعن ۾ به وسڪاري جو امڪان آهي.- Advertisement -
