- Advertisement -
سکر بئراج جا دروازا ڪرڻ بابت جوڙيل جاچ ڪاميٽي پاران تيار ڪيل رپورٽ ۾ اهم ڇرڪائيندڙ انڪشاف ٿيا آهن.
پهرين جولاءِ تي جوڙيل جاچ ڪاميٽي تفصيلي رپورٽ تيار ڪري سيڪريٽري ايريگيشن ظريف کيڙو ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي.
ذريعن موجب تفصيلي رپورٽ ۾ دروازا ڪرڻ جي فني سببن بابت اهم ۽ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ٿيا آهن.
ذريعن موجب سکر بيراج تي مقرر هڪ اڳوڻي بااثر چيف انجنيئر جي دور ۾ ڪيل ڪوتاهين واري معاملي تي ڪميٽي ۾ اختلاف پڻ آهن.
ذريعن موجب سيڪريٽري ايريگيشن ظريف کيڙو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ جاچ ڪاميٽي پاران تيار ڪيل تفصيلي رپورٽ پڌري ڪندو.- Advertisement -
