تازه ترين

آمريڪا طرفان اسرائيل تي حملي جي صورت ۾ ايران کي نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪي

- Advertisement -
آمريڪا ايران کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن هو اسرائيل تي حملو ڪندو ته ان جا کين سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا. پرڏيهي ميڊيا موجب هڪ آمريڪي اهلڪار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته جيڪڏهن ايران اسرائيل تي حملو ڪيو ته غزه جنگبندي بابت هلندڙ ڳالهين جو عمل متاثر ٿيندو ۽ ايران کي حملي جا سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا. هن چيو ته آمريڪا، برطانيا ۽ فرانس هر طرح جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ جوابي ڪارروائي جي تياري ڪري رهيا آهن. آمريڪي اهلڪار جو چوڻ هو ته ايران اسرائيل تي حملو ڪيو ته ان جي بچاءَ لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻو پوندو. آمريڪي اهلڪار جو وڌيڪ چوڻ هو ته گذريل سال 7 آڪٽوبر تي حماس جو حملو ايران جي پراڪسي جنگ هئي ۽ ايران جي اسرائيل تي حملي جي نتيجي ۾ پراڪسي جنگ وڌيڪ تيز ٿي ويندي. سندس چوڻ هو ته آمريڪي اختيارين جو معمول آهي ته جن سرڪاري پاليسين، فيصلن ۽ قدمن کي سرڪاري طور سامهون آندو ويندو آهي اهي نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌائيندا آهن……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
30.1 ° C
30.1 °
30.1 °
21 %
4.4kmh
5 %
جمعو
29 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون