تازه ترين

تعليم واري وزير سردار علي شاهه جي هدايت تي اسڪول ايجوڪيشن کاتي سنڌ مانيٽرنگ ڪميٽي جوڙي ڇڏي

- Advertisement -
اسڪولن ۾درسي ڪتابن جي کوٽ بابت سنڌ ٽي وي نيوز انسويسٽيگيشن سيل جي رپورٽن جو تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه نوٽيس وٺي ڪميٽي جوڙي نگراني جو حڪم ڏئي ڇڏيو. تعليم واري وزير سردار علي شاهه جي هدايت تي اسڪول ايجوڪيشن کاتي سنڌ مانيٽرنگ ڪميٽي جوڙي ڇڏي. ڊائريڪٽر جنرل مانيٽرنگ اينڊ ايويوليويشن جي صدارت هيٺ جوڙيل ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. ڪميٽي جي ميمبرن ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري پرائمري ۽ سينيئر پروگرام مئنيجر آر ايس يو شامل آهن. ڪميٽي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران فراهم ڪيل ڪتابن جي سرڪيوليشن جو جائزو وٺندي . سرڪيوليشن جي حوالي سان اسڪولن جي مانيٽرنگ رپورٽ هر ٽن ڏينهن ۾ ڏني ويندي ۽ ڪميٽي اسڪولن ۾ ڪتابن جي دستيابي بابت هر 15 ڏينهن ۾ جامع رپورٽ پيش ڪرڻ جي پابند هوندي. تعليم کاتي هدايت ڪئي ته ٽي اِي اوز اسڪولن جي هيڊ ماسترن ۽ ماسترياڻين سان رابطو ڪن ته جيئن اسڪولن ۾ ڪتابن جي پهچ کي آسان بڻائي سگهجي. تعليم کاتي موجب سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران فراهم ڪيل ڪتاب ڪنهن به ٽي اي او جي گودام مان مليا ته ايڪشن ورتو ويندو. تعليم کاتي جو چوڻ آهي ته ٽي اي اوز پابند آهن ته هو اسڪولن ۾ ڪتاب پهچائڻ جي حوالي سان ڏنل ذميواريون پوريون ڪن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
27.8 ° C
27.8 °
27.8 °
26 %
4.6kmh
23 %
جمعو
27 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون