تازه ترين

چونڊن ۽ آدمشماري ۾ سنڌ سان ڌوڪو ڪيو ويو آهي: اياز لطيف پليجو

- Advertisement -
قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته چونڊن ۽ آدمشماري ۾ سنڌ سان ڌوڪو ڪيو ويو آهي، سنڌ جي وسيلن ۽ معدنيات کي بيدردي سان لٽيو پيو وڃي، ملڪي مسئلن جو حل هڪ منصفاڻي، شفاف ۽ جمهوري وفاق ۾ آهي. حيدرآباد ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي عورتن جي ڪانفرنس واري جلسي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته زرداري صاحب سنڌ جي دولت ۽ وسيلا ڏئي اقتدار خريد ڪيو آهي، صوبي جي وسيلن ۽ معدنيات کي بيدردي سان لٽيو پيو وڃي، چونڊون ۽ آدم شماري جعلي توڙي فراڊ آهي، سنڌ سان ڌوڪو ڪيو ويو. هن چيو ته سنڌ ۾ عورتون ۽ ٻارڙا غير محفوظ آهن، اسمگلنگ، جبري شادي ۽ ٻارن جي شادي موتمار زهر آهن، ماڻهو چنڊ ۽ مريخ تي لهي ويا آهن، هو قبيلائي ۽ عورتن تي ظلم ڪرڻ ۾ مصروف آهن. اياز لطيف پليجي چيو ته  حڪومت، اڳواڻن ۽ سردارن سنڌ کي عورتن ۽ ٻارن لاءِ قتل گاهه بڻائي ڇڏيو آهي، فاطمه، پريا، جان مهر ۽ گڏاڻي جي ڪيس ۾ بااثر شخصيتون ملوث آهن. هن چيو ته پاڪستان کي عورتن ۽ اقليتن جي تحفظ ۽ برابري ذريعي ڪامياب بڻائڻو آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ ملڪ جي معيشت جو مرڪز آهي، ان جي تباهي ملڪ دشمني آهي،  سنڌ تباهه ٿي رهي آهي، پارليامينٽ، عدالتون ۽ ميڊيا پنهنجي بي حسي ختم ڪن. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ سبب ماڻهو ذهني مريض بڻجي ويا آهن، وڏين طاقتور پارٽين جي ايجنڊا مان سنڌ غائب آهي، اهي صرف اقتدار چاهين ٿا،ملڪي جي مسئلن جو حل هڪ منصفاڻي، شفاف ۽ جمهوري وفاق ۾ آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
27.8 ° C
27.8 °
27.8 °
26 %
4.6kmh
23 %
جمعو
27 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون