ڪجهه ماڻهو استعمال ڪري بلوچستان ۾ افرا تفري پکيڙي پئي وڃي، جيڪي پاڪستان جي رياست کي تسليم ڪن ٿا انهن سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون:اسحاق ڊار

- Advertisement -
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو استعمال ڪري بلوچستان ۾ افرا تفري پکيڙي پئي وڃي، جيڪي پاڪستان جي رياست کي تسليم ڪن ٿا انهن سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، پر جيڪي ناراضگيءَ جي نالي تي جبلن تي چڙهي شهرين کي قتل ڪري رهيا آهن، انهن سان ڳالهيون نه ٿينديون ، دهشتگردي ۽ معاشي مسئلن تي سياست نه ڪرڻ گهرجي، کين ڳالهين بدران حل طرف وڌڻو پوندو. سينيٽ اجلاس دوران اسحاق ڊار کي مائڪ ڏيڻ تي مخالف ڌر احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي، جنهن تي اسحاق ڊار ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هي ڪو طريقو ناهي. سندس چوڻ هو ته بلوچستان ۾ جيڪو به ٿيو، ان تي دل ڏکويل آهي،  بلوچستان حڪومت وفاق سان مڪمل رابطي ۾ آهي. اسحاق ڊار چيو ته جيڪي پاڪستان جي رياست کي تسليم ڪن ٿا انهن سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، پر جيڪي ناراضگيءَ جي نالي تي جبلن تي چڙهي شهرين کي قتل ڪري رهيا آهن، انهن سان ڳالهيون نه ٿينديون. هن چيو ته وزيراعظم ڪجهه ڏينهن ۾ بلوچستان جو دورو ڪندو، دهشتگردي ۽ معاشي مسئلن تي سياست نه ڪرڻ گهرجي، کين ڳالهين بدران حل طرف وڌڻو پوندو. نائب وزيراعظم چيو ته سينيٽ ميمبر هڪ ڏينهن مقرر ڪن ان ڏينهن رڳو امن امان بابت ڳالهه ٻولهه ٿيندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
4 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
43%
2.5m/s
7%
جمعو
25 °
ڇنڇر
28 °
آچر
30 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °

تازه ترين خبرون