والاريل ڪشمير هڪ عالمي سطح جو تسليم ٿيل تڪرار آهي:پرڏيهي کاتي جي ترجمان

- Advertisement -
پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته والاريل ڪشمير هڪ عالمي سطح جو تسليم ٿيل تڪرار آهي، ان کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد ۽ ڪشمير جي عوام جي خواهش مطابق حل ڪرڻ گهرجي. ڀارتي پرڏيهي وزير پاران والاريل ڪشمير بابت تازو ڏنل بيان تي پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان واضح طور تي ڪنهن به اهڙي بيان کي رد ڪري ٿو. هن چيو ته اهڙي دعويٰ رڳو گمراهه ڪندڙ ۽ خطرناڪ حدتائين ڪوڙ آهي، اهڙي دعويٰ زميني حقيقتن کي نظرانداز ڪري ٿي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان سفارتڪاري ۽ ڳالهين لاءِ پرعزم آهي، ڪنهن به ڪارروائي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته پاڪستان ڀارت کان مطالبو ڪري ٿوهو والاريل ڪشمير جي باري ۾ چڙ ڏياريندڙ بيان ۽ بي بنياد دعوائن کان پاسو ڪري .
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
3 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
20 ° C
20 °
20 °
21%
1m/s
0%
آچر
22 °
سُومر
22 °
اڱارو
22 °
اربع
23 °
خميس
22 °

تازه ترين خبرون