جاتي:طوفاني برساتن سبب ڪري پيل 14پول نه لڳي سگهيا،بجلي فراهمي معطل

- Advertisement -
جاتي ۾ تيز طوفاني برساتن سبب ڪري پيل 14پول نه لڳي سگهيا، 8 ڏينهن کان 50 کان وڌيڪ ڳوٺن جي بجلي بند پيل آهي، علائقي واسي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لڳا. جاتي ۾ تيز طوفاني برساتن سبب ڪري پيل 14پول واپڊا جي نااهليءَ سبب 8 ڏينهن گذرڻ باوجود اڃا نه لڳي سگهيا آهن، جنهن سبب 50 کان وڌيڪ ڳوٺن جي بجلي بند پيل آهي. بجلي جا پول ڪرڻ سبب جاتي، غلام شاهه، تڙ خواجه، حسين آباد، غلام حسين ڳاڙھو، مڙھوبولاخان، راڄ شيخ بچل، غلام، سيد ناٿن شاهه، راشدي فارم سميت ٻين علائقن جي بجلي 8 ڏينهن کان بند پيل آهي. ڪريل بجلي جي ٿنڀن جي بحالي لاءِ واپڊا عملدارن سميت ڪنھن به نوٽيس نه ورتو، 8 ڏينھن کان بجلي بند ھئڻ سبب جاتي شھر ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي ۽ بجلي تي ھلندڙ ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيو آهي جنهن سبب پورهيت طبقو سخت پريشان آهي…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.6 ° C
20.6 °
20.6 °
37%
2.7m/s
0%
اربع
30 °
خميس
30 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
28 °
آچر
27 °

تازه ترين خبرون