پنجاب پوليس هڪ دفعو ٻيهر دهشتگردن جي ناپاڪ منصوبن کي ناڪام بڻايو آهي : محسن نقوي

- Advertisement -
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته پنجاب پوليس هڪ دفعو ٻيهر دهشتگردن جي ناپاڪ منصوبن کي ناڪام بڻايو آهي، چيڪ پوسٽ تي مقرر پوليس جي جوانن بهادري سان 14 دهشتگردن کي ڀڄايو آهي، ملڪ مان هر قيمت تي دهشتگرديءَ جو خاتمو آندو ويندو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ميانوالي ۾ چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي پوليس کي شاباشي ڏني. وفاقي گهرو وزير جو چوڻ آهي ته عيسيٰ خيل ٿاڻي جي چيڪ پوسٽ تي مقرر پوليس جي جوانن  بهادري سان 14 دهشتگردن کي ڀڄايو، رات جي اونداهي ۾ لڪي حملو ڪندڙ دهشتگردن کي پوليس ڀرپور جواب ڏنو. محسن نقوي چيو ته دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائيندڙ پوليس جوانن جي پيشواراڻي صلاحيت ۽ بهادري ساراهه جوڳي آهي، هو دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي پنجاب پوليس جي بهادر پٽن کي سلام پيش ڪن ٿا. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته پوليس دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هميشه بهادري جو مظاهرو ڪيو آهي، ملڪ مان هر قيمت تي دهشتگرديءَ جو خاتمو آندو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
3 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
20 ° C
20 °
20 °
21%
1m/s
0%
آچر
22 °
سُومر
22 °
اڱارو
22 °
اربع
23 °
خميس
22 °

تازه ترين خبرون