- Advertisement -
پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان ملاقت ڪئي.
آمريڪي مشن پاڪستان جي ترجمان جوناٿن لالي موجب آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ٻنهي اڳواڻن افغان پناهگيرن ۽ پناهه جي خواهش رکندڙ ماڻهن جي تحفظ، معاشي شعبن، سڪيورٽي ۽ دهشتگردي جي خاتمي توڙي علائقائي سهڪار تي به ڳالهيون ڪيون.
آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس بابت پاڪستان جي ترجيحن بابت نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي خيالن جي آجيان ڪئي.- Advertisement -
