- Advertisement -
ماتلي ۾ موٽر سائيڪل چوري جي الزام هيٺ گرفتار مبينا چور ٿاڻي مان فرار ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
ٻڌايو وڃي ٿو ته پوليس موٽر سائيڪل چوري جي الزام هيٺ ڳوٺ علڻ خان مگسي جي رھواسي جان محمد مگسي کيس ميراڻي موري وٽان گرفتار ڪيو هو.
ذريعن موجب، گرفتار جوابدار ٿاڻي تان فرار ٿي ويو آهي جڏهن ته پوليس طرفان اھڙي واقعي جي تصديق يا ترديد ناهي ڪئي وئي.
ھوڏانھن جان محمد مگسي جي فرار ٿيڻ واري اطلاع تي سندس وارثن ۽ مگسي برادري سان تعلق رکندڙ ماڻهن احتجاجي مطاهرو ڪري ڌرڻو هڻي پوليس خلاف نعريبازي ڪئي آهي.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته جان محمد تي ڪا به ايف آءِ آر داخل ناھي پر ان جي باوجود پوليس کيس گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي.
ھنن ايس ايس پي بدين ۽ ٻين پوليس عملدارن کان مطالبو ڪيو ته نوجوان کي فوري طور تي بازياب ڪرايو وڃي…….- Advertisement -
