- Advertisement -
ڀارت سجاول ضلعي جي پنج ماهيگيرن سميت 14 پاڪستاني قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي.
ڀارت14پاڪستاني قيدين کي واگها بارڊر تي رينجرز جي حوالي ڪيو، جنهن ۾ 9 عام شهري ۽ پنج ماهگير شامل آهن.
آزادي ماڻي پاڪستان پهچندڙ عام شهرين ۾ محمد آفاق، فقير حسين، اڪبر مسيع، طارق محمود، وسيم ۽ راجو شامل آهن.
شاهبند تعلقي جي ڳوٺ ڇڇ جهان خان واسي راڄن ٿهميور، سگنديو ملاح، جاتي تعلقي جي زيرو پوائنٽ جا سومار ملاح، الهبچايو ملاح ۽ گلشير ملاح کي ڀارت مان آزاد ڪيو ويو آهي.
ڀارت مان آزادي ماڻي پاڪستان پهچندڙ ماهيگيرن کي قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ کين گهرن ڏانهن روانو ڪيو ويندو.- Advertisement -
