تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

هر جج جو ڪو نه ڪو رجحان ضرور هوندو آهي، پهريون ته بئنچ ٺهندي ئي خبر پئجي ويندي هئي ته فيصلو ڪهڙو ايندو : چيف جسٽس

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته پهريان بينچ ڏسي ٻڌايو ويندو هو ته ڪيس جو فيصلو ڪهڙو ايندو، هو ڪيس مان بدنيتي جو عنصر ڪڍي ڇڏيندو آهي، هر جج جو ڪو نه ڪو رجحان هوندو آهي. سپريم ڪورٽ جي نئين عدالتي سال جي شروعات تي فل ڪورٽ ريفرنس ڪوٺايو ويو، جنهن جي سربراهي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪئي. جسٽس منصور علي شاهه پرڏيهه ۾ هئڻ سبب ريفرنس ۾ شرڪت نه ڪئي جڏهن ته شريعت اپيلٽ بينچ جي ميمبر جسٽس قبلا اياز ۽ جسٽس خالد مسعود به فل ڪورٽ ريفرنس ۾ شرڪت ڪئي. فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب ڪندي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته چيف جسٽس بڻجڻ بعد پهريون ڪم فل ڪورٽ گهرائڻ جو ئي ڪيو هو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو هو ته عوامي مفاد جا ڪيس سڌي ريت نشر ٿيندا. سندس چوڻ هو ته هاڻي چيف جسٽس نه ڪميٽي ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪندي آهي، پهريان داخل ٿيل ڪيس جو فيصلو به پهريان ٿيڻ گهرجي، فيصلو ڪيو ته عوام ڪارڪردگي ڏسي فيصلو ڪري ته شفافيت آهي يا ناهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته پهريان ڪاز لسٽ منظوري لاءِ چيف جسٽس وٽ ويندي رهي، هاڻي ائين ناهي ٿيندو، هر جج جو ڪو نه ڪو رجحان هوندو آهي، ان لاءِ اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن ڪيس هن جج وٽ ويو ته ڪنهن کي فائدو ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته هر وڪيل اهو چاهيندو هو ته سندس ڪيس فلاڻي جج وٽ مقرر ٿئي، اهو به ختم ٿي ويو، ان جو مطلب اهو ناهي ته وڪيل جو جج سان ڪو رابطو آهي پر ان جو پتو ان جج جي رجحان ڪهڙي طرف آهي ته هي سسٽم هنن ختم ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڪجهه مخصوص قسم جا ڪيس جيڪي قانون ۾ لکيل آهن، انهن جو فيصلو ڪيو آهي ته اهي اهميت جوڳا آهن، هنن پاڻ به ڪجهه ڪيسن جا حڪم جاري ڪيا آهن ته هو جلد مقرر ڪيا وڃن. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته ڪڏهن ڪڏهن ڪيس کل ايندي آهي ته پراڻن صحافين کي ڪا ڳالهه پسند ناهي ايندي ته چوندا آهن چيف جسٽس ڪيس نه لڳايو، تبصرا ضرور ڪريو پر حقيقت جي بنياد تي افواهن تي نه ڪريو، اوهان جي ذميواري آهي ته سچ ڳالهيون ۽ سچ ٻڌايو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته سڀني کي خبر آهي ته نگران حڪومت هئي ۽ اليڪشن نه ٿي رهي هئي، چونڊن بابت درخواست سپريم ڪورٽ ۾ آئي، ٽي ڏينهن ٻڌڻي ٿي، ٻارهن ڏينهن ۾ فيصلو ٿي ويو، هنن پنهنجا اختيار نه اورانگهيا. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته رنڊڪ وجهڻ وارا هر شيءِ ۾ رنڊڪ ڳولي وٺندا آهن، لاهور هائيڪورٽ جي حد صوبي تائين هوندي آهي، لاهور هائيڪورٽ چيو ته رٽرننگ آفيسر عدليا کان ڏنا وڃن، هنن لاهور هائيڪورٽ جو فيصلو ختم ڪيو، جيڪڏهن لاهور هائيڪورٽ جو فيصلو رهي ها ته فيبروري ۾ اليڪشن نه ٿئي ها. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اليڪشن جمهوريت سان ڳنڍيل هوندي آهي، پارليامينٽ قانون ٺاهيندي آهي، سندن ڪم قانون جي تشريح ڪرڻ آهي، اوهان ٻين کان گهرو شفافيت ۽ احتساب، پنهنجو نه ڪريو ته ڳالهه ۾ وزن نه رهندو ۽ فيصلن جو قدر نه ٿيندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.6 ° C
18.6 °
18.6 °
41 %
4.7kmh
0 %
سُومر
25 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °
خميس
31 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون