- Advertisement -
سنڌ سرڪار ڪارونجهر کي ثقافتي ورثو قرار ڏيڻ بابت فائنل نوٽيفڪيشن پيش نه ڪري سگهي، سنڌ هائيڪورٽ ميرپورخاص بئنچ قطعي نوٽيفڪيشن پيش ڪرڻ لاءِ مهلت بعد چيف سيڪريٽري، سياحت ۽ ثقافت واري سيڪريٽري خلاف توهين عدالت ڪارروائيءَ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ڪيس جي وڪيل شنڪر ميگهواڙ جو چوڻ آهي ته سنڌ هائيڪورٽ ميرپورخاص بئنچ ۾ سنڌ سرڪار طرفان ٽيڪنيڪل ڪميٽي مان ڪارونجهر کي هيريٽيج قرار ڏيڻ وارو نوٽيفڪيشن پيش ڪيو ويو.
وڪيل چيو ته عدالت سنڌ سرڪار کي فائنل نوٽيفڪيشن پيش ڪرڻ لاءِ هڪ ڪلاڪ جي مهلت ڏني.
وڪيل جو چوڻ آهي ته عدالت هڪ ڪلاڪ جي مهلت ختم ٿيڻ بعد وڌيڪ اڌ ڪلاڪ جي مهلت ڏني، پر سرڪار قطعي نوٽيفڪيشن پيش نه ڪيو.
وڪيل چيو ته قطعي نوٽيفڪيشن پيش نه ڪرڻ کانپوءِ عدالتي حڪم تي چيف سيڪريٽري سيد آصف حيدر شاهه، سياحت ۽ ثقافت واري سيڪريٽري خير محمد ڪلوڙ خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ٿي وئي.
سنڌ ٽي وي نيوز انويسٽيگيشن سيل ٽيڪنيڪل ڪميٽي واري نوٽيفڪيشن جا ڪاغذ هٿ ڪري ورتا.- Advertisement -
