گم ٿيل ماڻهن ڪيس : عدالت پاران بازيابيءَ لاءِ ماڊرن ڊيوائسسز ۽ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪرڻ جي هدايت

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ ڪراچي جي مختلف علائقن مان گم ٿيل شهرين جي بازيابيءَ بابت درخواستن تي بازيابيءَ لاءِ ماڊرن ڊيوائسسز ۽ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪندي ايندڙ ٻڌڻي جاچ آفيسرن کان شهرين جي تازي ٽريول هسٽري طلب ڪري ورتي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي مختلف علائقن مان گم ٿيل شهرين جي بازيابيءَ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي جي سربراهيءَ ۾ ٻه رڪني بينچ درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ڪيترن ئي گم ٿيل شهرين جا گهرڀاتي عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيا. جاچ آفيسر موقف اختيار ڪيو ته سيد طاهر علي شاهه ۽ سيد برڪت علي اورنگي ٽائون واري علائقي مان گم ٿيا آهن، شهرين جي بازيابيءَ لاءِ ڪيترائي جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فوس جا اجلاس ٿي چڪا آهن. جاچ آفيسر چيو ته جاچ مان معلوم ٿيو آهي ته شهري پاڻمرادو گم ٿيا آهن، محمد طارق خان عوامي ڪالوني مان گم ٿيو آهي، جاچ مان معلوم ٿيو آهي ته شهري مهاڻن سان گڏ مختلف علائقن ۾ ويندو رهندو هو، ٻڌايو پيو وڃي ته چار اڻڄاتل ماڻهو شهري کي کڻي ويا هئا. جاچ آفيسر چيو ته شهري جي تازي ٽريول هسٽري لاءِ ايف آءِ اي کي خط لکيو آهي، محمد اشرف منگهوپير، عبادالحسن رضويه سوسائٽي، محمد سجاد شاهراهه فيصل ۽ ٻيا شهري مختلف علائقن مان گم ٿيا آهن. عدالت شهرين جي بازيابيءَ لاءِ ماڊرن ڊيوائسسز ۽ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کان گم ٿيل شهرين جي ٽريول هسٽري طلب ڪندي درخواستن جي ٻڌڻي 4 هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19 ° C
19 °
19 °
43%
3.4m/s
0%
اڱارو
19 °
اربع
27 °
خميس
28 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون