پارليامنيٽ جي ڪارروائي هلائڻ لاءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي تجويز تي ڪميٽي قائم ڪرڻ خاطر ٺهراءُ منظور

- Advertisement -
پارليامنيٽ جي ڪارروائي هلائڻ لاءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي تجويز تي ڪميٽي قائم ڪرڻ خاطر ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، بچاءَ واري وزير خواجه آصف، اسحاق ڊار ۽ عطا تارڙ جو چوڻ آهي ته پارليامينٽ ۾ ريڊ لائن ڪراس ٿي ته پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ به ليڪا لتاڙيا ويا، ريڊ لائن ڪراس ڪرڻ ڪنهن جي به حق ناهي، وڊيو موجود آهن ته ميمبرن کي ايوان اندران نه کنيو ويو. قومي اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران پ پ  چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارليامينٽ جي ڪارروائي هلائڻ لاءِ  ڪميٽي جوڙڻ جي تجويز ڏني، جنهن جي حڪومتي توڙي مخالف ڌر جي ميمبرن حمايت ڪئي. اسپيڪر ميثاق پارليامينٽ جي تجويز ڏيندي چيوته  ڇا هو ويهي چارٽر آف پارليامينٽ صحيح نه ٿا ڪري سگهن؟ پارٽيون گڏ ويهن يا نه پر ميمبرن کي گڏ هجڻ گهرجي. هن چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾گرفتار ميمبرن جا پراڊڪشن آرڊر جاري نه ڪيا، حڪومت تي تنقيد ضرور ڪريو پر ذاتيات تي ٻڌل نه هجي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاتارڙ  پارليامينٽ جي ڪارروائي هلائڻ لاءِ سورهن رڪني ڪميٽي بڻائڻ جو ٺهراءُ پيش ڪيو جنهن کي ايوان اتفاقِ راءِ سان منظور ڪري ورتو. ان کان اڳ خطاب ڪندي بچاءِ واري وزير خواجه آصف چيو ته جيڪڏهن پارليامينٽ ۾ ريڊ لائن ڪراس  ٿي ته پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ ڪيترا ئي ليڪا لتاڙيا ويا. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ ڪيل ڳالهيون آپگهات برابر آهن، پي ٽي آءِ باني  گرفتار آهي ته سندن قيادت به گرفتار ٿي، پي ٽي آءِ دور ۾ نوازشريف، فريال ٽالپر ۽ سندس پراڊڪشن آرڊر جاري نه ٿيا، پي ٽي آءِ احتجاج ڪري پر حدون پار نه ڪري، اسپيڪر  ڪسٽوڊين طور امپائر آهي، هن ايوان جي بقا ملڪ جي وحدت ۽ آئين جي بقا آهي. پرڏيهي وزير ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته سياست ضرور ڪريو پر ريڊ لائن پار نه ڪئي وڃي، اهو ڪنهن جي به حق ۾ ناهي. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي تجويز جي هو واکاڻ ڪري ٿو، کين گڏجي رستو ڪڍڻو پوندو، ريڊ لائن ڪراس ڪرڻ ڪنهن جي حق ۾ بهتر ناهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته ڪجهه وڊيو ثبوت سامهون آيا آهن ته ميمبرن کي ايوان جي اندران گرفتار نه ڪيو ويو، سمورو ايوان اسپيڪر پويان بيٺل آهي. عطا تارڙ جي  تقرير دوران مخالف ڌر جي ميمبرن گوڙ ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19 ° C
19 °
19 °
43%
3.4m/s
0%
اڱارو
19 °
اربع
27 °
خميس
28 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون