قومي معاملن تي اتفاق راءِ ضروري آهي: قانون وارو وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ

- Advertisement -
قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته قومي معاملن تي اتفاق راءِ ضروري آهي، صوبن جي اعتراضن کي گڏجي ويهي ختم ڪيو ويندو، اهڙي قانونسازي ٿيڻ گهرجي جنهن سان عوام کي فائدو ملي سگهي. قومي اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته جيڪي شيون صحيح لڳن، جن تي اتفاق هجي اهي ضرور اڳتي هلنديون، سمورا آرڊر اوهان جي اڳيان رکيا ويندا. سندس چوڻ هو ته جن قانونن تي اعتراض آهن انهن تي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، ملڪي معاملن بابت سياسي اتفاق راءِ هئڻ گهرجي. قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو ته هڪ آئيني اسڪيم آهي جنهن تي سياسي اتفاق هئڻ گهرجي، ووٽ جو استعمال ڪندي فيصلو ڏيڻو آهي، چاهي منظور ڪريو يا رد ڪريو، هائيڪورٽس ۽ سپريم ڪورٽ ۾ فوجداري ۽ ديواني ڪيسز رڪيل آهن، جيڪو وقت اهم ڪيسن کي ڏيڻ گهرجي اهو نٿو ڏنو وڃي. هن چيو ته پارليامينٽ جو پهريون ڪم قانون سازي آهي، قانون سازي ۾ سنجيدگي هئڻ گهرجي، اهي قانون ٺاهيا وڃن جن سان عام ماڻهو کي آساني ٿئي. قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو ته ڪورٽن ۾ ديواني نوعيت جا ڪجهه معاملا آهن، ڪوبه قانون اجازت نٿو ڏئي ته ڪنهن تي جرڳو مڙهيو وڃي، اهڙو انصاف جو نظام چاهيون ٿا جنهن ۾ مانيٽرنگ سسٽم هجي، هائيڪورٽس ۽ سپريم ڪورٽ ۾ به حڪمت عملي هئڻ گهرجي……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.8 ° C
18.8 °
18.8 °
51%
1.1m/s
0%
سُومر
19 °
اڱارو
26 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون