- Advertisement -
لاڙڪاڻي ويجهو ٽن هٿياربندن موٽرسائيڪل سوار ڳوٺاڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
اڻڄاتل هٿياربند ڳوٺ ڪانڊيرو مغيري واسي اڌڙوٽ شخص اصغر علي مغيري کي يوسف شاهه جيلاني جي درگاهه وٽ گولين جو کاڄ بڻائي فرار ٿي ويا.
قتل ٿي ويل اصغر علي مغيري جي ڀائٽي نادر مغيري ٻڌايو ته سندس چاچو لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ ۾ جڳهه ٺهرائي رهيو هو جيڪو اڄ صبح ڳوٺ اچي رهيو هو ته موٽرسائيڪل سوار ٽي هٿياربند کيس گوليون هڻي فرار ٿي ويا.
هوڏانهن تعلقي ٿاڻي جي پوليس واقعي جو اطلاع ملڻ تي تفصيل وٺي معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي.- Advertisement -
