گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ ۾ فلسطين جي حق ۾ ٺهراءُ منظور، اسرائيل کان هڪ سال اندر فلسطيني علائقن مان قبضو ختم ڪرڻ جو مطالبو

- Advertisement -
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ ۾ فلسطين طرفان پيش ڪيل ٺهراءُ منظور ڪيو ويو جنهن ۾ اسرائيل کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هو 12 مهينن اندر والاريل فلسطيني علائقن مان پنهنجي غيرقانوني موجودگي ختم ڪري. جنرل اسيمبلي ۾ پيش ڪيل ٺهراءَ جي حق ۾ 124 ۽ مخالفت ۾ 14 ووٽ آيا جڏهن ته 43 ملڪن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو ٺهراءَ جي مخالفت ڪندڙ ملڪن ۾ اسرائيل ۽ امريڪا شامل هئا. جنرل اسيمبلي ٺهراءَ جي منظوري اهڙي وقت ۾ ڏني آهي جڏهن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کي ايندڙ هفتي 26 سيپٽمبر تي جنرل اسيمبلي جي سالياني اجلاس کي خطاب ڪرڻو آهي، ان ئي ڏينهن فلسطيني صدر محمود عباس به جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو. اهو ٺهراءُ عالمي عدالت جي فلسطيني علائقن تي اسرائيلي قبضي ۽ اسرائيلي آبادين کي غير قانوني قرار ڏيڻ واري فيصلي کانپوءِ جنرل اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو. پيش ڪيل ٺهراءَ ۾ ملڪن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هو اسرائيل جي غيرقانوني آبادين ۾ تيار ٿيندڙ سامان جي درآمد بند ڪن ۽ ان سان گڏ اسرائيل کي هٿيارن جي فراهمي به روڪي وڃي ڇو ته اهي هٿيار والاريل فلسطيني علائقن ۾ استعمال ٿي سگهن ٿا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20 ° C
20 °
20 °
37%
2.7m/s
0%
ڇنڇر
30 °
آچر
30 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °
اربع
26 °

تازه ترين خبرون