- Advertisement -
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکي ترميم ٿيل اليڪشن ايڪٽ تحت مخصوص سيٽون الاٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
اياز صادق، چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي خط لکيو.
خط ۾ چيو ويو ته ترميم اليڪشن ايڪٽ تحت ڪنهن سياسي پارتيءَ ۾ شامل ٿيندڙ آزاد ميمبر هاڻي پارٽي تبديل نٿو ڪري سگهي.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته ترميم ٿيل اليڪشن ايڪٽ 2017ع کان لاڳو ڪيو ويو آهي.
خط ۾ اياز صادق چيو ته ترميم ٿيل اليڪشن ايڪٽ تي عمل اليڪشن ڪميشن جي آئيني ۽ قانوني ذميواري آهي.
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر چيو ته اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل نه ٿو ڪري سگهجي.
خط ۾ اسپيڪر چيو ته اليڪشن ڪميشن ترميمي اليڪشن ايڪٽ تحت مخصوص سيٽون الاٽ ڪري.- Advertisement -
