ڪنهن به اداري کي آئين جي من پسند تشريح جو حق نه هجڻ گهرجي:عطا تارڙ

- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته ڪنهن به اداري کي آئين جي من پسند تشريح جو حق نه هجڻ گهرجي، سپريم ڪورٽ طرفان آرٽيڪل 63 جي تشريح آئين ٻيهر لکڻ برابر آهي،  سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿيندڙ ميمبر پي ٽي آءِ ۾ شامل ڪيئن ٿا ٿي سگهن،  آئين ۾ پارليامينٽ کي قانونسازي جا اختيار ڏنا ويا آهن، پارليامينٽ کان قانونسازي جو اختيار ڪير به کسي نه ٿو سگهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو ته اسپيڪر اياز صادق سدائين پارليامينٽ جي بالادستي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون ۽ ان سلسلي ۾ خط ۾ به لکيو جيڪو هڪ وڏي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته اسپيڪر سدائين پنهنجي ڪرسيءَ سان انصاف ڪيو ۽ پارليامينٽ ۾ موجود پارٽين سان اخلاق ۽ انصاف وارو ورتاءُ ڪيو. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ طرفان آرٽيڪل 63 ايَ جي تشريح آئين کي ٻيهر لکڻ برابر آهي ۽ ان سان مخصوص سيٽن بابت ڪيترائي ئي سوال اٿن ٿا. عطا تارڙ چيو ته ڪنهن کي به اداري کي آئين جي من پسند تشريح جو حق نه هجڻ گهرجي، پارليامينٽ کي ڪمزور ڪرڻ واري ڪوششن جو ڄمي مقابلو ڪيو ويندو. هن چيو ته سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿيندڙ ميمبر پي ٽي آءِ ۾ شامل ڪيئن ٿا ٿي سگهن،  آئين ۾ پارليامينٽ کي قانونسازي جا اختيار ڏنا ويا آهن، پارليامينٽ کان قانونسازي جو اختيار ڪير به کسي نه ٿو سگهي. وفاقي وزير چيو ته آئين ۽ قانونسازي جو اختيار رڳو عوام جي چونڊيل نمائندن وٽ آهي ۽ پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ هو پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26 ° C
26 °
26 °
13%
0.4m/s
0%
آچر
30 °
سُومر
30 °
اڱارو
29 °
اربع
29 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون