- Advertisement -
آئيني مسودي موجب آرٽيڪل 177 ۾ ترميم ڪئي ويندي، جنهن تحت وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس جي مقرري قومي اسيمبليءَ جي ڪميٽي ٽن سينيئر ترين ججن مان ڪندي، پهريون چيف جسٽس صدر ۽ وزيراعظم جي سفارش تي مقرر ٿيندو،جڏهن ته آئيني عدالت جي پهرين جج جي مقرري صدر چيف جسٽس سان صلاح مشوري بعد ڪندو.
آئيني ترميم موجب آئيني عدالت جو هيڊ چيف جسٽس آف پاڪستان هوندو، جنهن جي رٽائرمينٽ جي عمر 68 سال هوندي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جو سربراهه چيف جسٽس کي چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ هوندو.
آئيني ترميم موجب ججن جي مقرريءَ لاءِ قائم ڪيل پارلياماني ڪميٽيءَ تي آئين جو آرٽيڪل 68 لاڳو نه ٿيندو، آرتيڪل 68 موجب ججن جا معاملا پارليامينٽ ۾ بحث هيٺ نه ٿا آڻي سگهجن، يعني آرٽيڪل 68 کي آئين مان ڪڍڻ جي تجويز آهي.
آئيني ترميم تحت آرٽيڪل 215 ۾ ترميم ذريعي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبر رٽائرمينٽ بعد به ڪم جاري رکندا، جيستائين نيون مقرريون نه ٿيون ٿين.
آئيني ترميمي مسودي موجب آرٽيڪل 209 ۾ تبديلي ڪندي سپريم جڊيشل ڪائونسل جي سربراهي وفاقي آئيني عدالت جو چيف جسٽس ڪندو، سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ان ڪائونسل ۾ ميمبر هوندو.
وفاقي آئيني عدالت جا ٻه سينيئر ترين جج ۽ هائيڪورٽن جا ٻه سينيئر چيف جسٽس ان جو حصو هوندا.
ڪائونسل پنهنجي رپورٽ يا ڪنهن به ذريعي کان ملندڙ ڄاڻ جي بنياد تي ڪائونسل پاڻ يا صدر ڪنهن به جج خلاف شڪايت جي انڪوائري ڪرائي سگهندا، انڪوائري ثابت ٿيڻ تي ان جج کي فارغ ڪيو ويندو.
ترميم موجب سپريم ڪورٽ، هائيڪورٽ يا نئين تجويز ڪيل وفاقي آئيني عدالت سميت ڪنهن به فورم آئين جي ڪنهن شق يا ترميم تي سوال نه اٿاري سگهبو.
ترميمي بل موجب پارلياماني ڪميٽي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مقرري پنجن سينيئر ججن بدران 3 سينيئر ترين جج مان ڪئي ويندي.
بل موجب وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس جي مقرر وزيراعظم جي هدايت تي صدر ڪندو، حڪومت پارليامينٽ ذريعي جيترا چاهي جج مقرر ڪري سگهندي، ججن جي مقرري آرٽيڪل 75 ايَ تحت قائم ڪيل ڪميشن جي سفارشن جي رشنيءَ ۾ صدر ڪندو، وفاقي آئيني عدالت ۾ سمورن صوبن جي ججن جو انگ برابر هوندو.
آئيني ترميمي بل موجب آئيني عدالت وٽ سمورن فيصلن ۽ حڪمن تي پارليامينٽ جي ايڪٽ سان مشروط روي جا اختيار هوندو، آئيني عداسلت سپريم ڪورٽ جي فيصلن جو به رويو وٺي سگهندي.
26هين آئيني ترممي تحت سپريم ڪورٽ وفاقي آئيني عدالت کي ڪيس ٽراسفر ڪرڻ جا اختيار هوندا، اهم ترين قانوني معاملا ۽ آئيني تشريح جا معاملا به آئيني عدالت ٻڌندي.- Advertisement -
