تازه ترين

حيدرآباد پوليس هٿان اڳوڻو صوبائي صلاحڪار محمد اسماعيل ڏاهري ٽن ملازمن سميت گرفتار

- Advertisement -
اڳوڻو صوبائي صلاحڪار محمد اسماعيل ڏاهري کي ٽن ملازمن سميت حيدرآباد پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. لطيف آباد اي سي سيڪشن ٿاڻي تي اسماعيل ڏاهري ۽ سندس ٽن ملازمن جي گرفتاري ظاهر ڪئي وئي آهي، مٿن ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب اسماعيل ڏاهري ۽ سندس ٽن ملازمن کي آمري پل وٽان سي آءِ اي پوليس ڄامشورو طرفان گرفتار ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب اسماعيل ڏاهري کي چرس رکڻ جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، ڪجهه دير بعد کيس حيدرآباد جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. اسماعيل ڏاهري جي ڀاءُ علي رضا ڏاهري جو چوڻ آهي ته سندس ڀاءُ کي سياسي مخالفن انتقامي ڪارروائي ڪندي گرفتار ڪرايو آهي. اسماعيل ڏاهري ان کان اڳ به ڪيترائي ڀيرا پوليس ۽ رينجرز هٿان گرفتار ٿي چڪو آهي. غيرقانوني هٿيار رکڻ جي الزام ۾ سردار اسماعيل ڏاهري کي بينظيرآباد جي دهشتگردي جي انت واري عدالت طرفان 35 سال قيد جي سزا به ٻڌائي وئي هئي جنهن ڪيس ۾ بعد ۾ کيس باعزت بري ڪيو ويو آهي. سردار اسماعيل ڏاهري مٿان مختلف عدالتن ۾ ڪيترائي ڪيس هلندڙ آهن……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.1 ° C
26.1 °
26.1 °
44 %
3.8kmh
0 %
اربع
33 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
35 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون