تازه ترين

عمرڪوٽ واقعي ۾ قتل ٿيل ڊاڪٽر  شاهنواز  ڪنڀار  جي وارثن، ڊي آءِ جي، ايس ايس پي ۽ ايس ايڇ او کي واقعي جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
عمرڪوٽ واقعي ۾ قتل ٿيل ڊاڪٽر  شاهنواز  ڪنڀار  جي وارثن، ڊي آءِ جي، ايس ايس پي ۽ ايس ايڇ او کي واقعي جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو، سندن چوڻ آهي ته شاهنواز ڪنڀار جي آءِ ڊي هيڪ ڪري وضاحت جو موقعو ئي نه ڏنو ويو، اسلام جي پيروي ڪندڙ شخص ڪڏهن به مذهب جي توهين نه ٿو ڪري سگهي، ڊي آءِ جي، ايس ايس پي ۽ ايس ايڇ او کي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي. عمرڪوٽ واقعي ۾ قتل ٿيل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀار جي امڙ ۽ نياڻي جو بيان سامھون اچي ويو . ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀار جي امڙ چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز توهين رسالت نٿو ڪري سگهي، هو ديندار انسان هو، هميشه دين اسلام جي پيروي ڪندو هو. ڊاڪٽر جي امڙ جو چوڻ آهي ته ڊي آءِ جي ميرپورخاص، ايس ايس پي ميرپورخاص، ايس پي عمرڪوٽ ۽ ايس ايڇ او سنڌڙي سندس پٽ جو قتل ڪرايو  آھي. ڊاڪٽر شاهنواز جي امڙ مطالبو ڪندي چيو ته ڄاڻايل آفيسرن خلاف ڪيس ڪري جيل موڪليو وڃي. ڊاڪٽر جي نياڻي چيو ته هو ڄاڻايل آفيسر کي بخش نه ڪندي، عدالت ۾ سندن خلاف ڪيس داخل ڪرائيندي. ڊاڪٽر جي امڙ ۽ نياڻي چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز جي آئي ڊي ھيڪ ڪئي وئي ۽ کيس وضاحت جو موقعو نه ڏنو ويو، پوليس عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو آهي، جاچ ڪئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30 ° C
30 °
30 °
32 %
3kmh
0 %
اڱارو
30 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
36 °

تازه ترين خبرون