- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، ميرپورخاص ۾ عدالت کان مٿڀري قتل جي مک ڪردار ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي، ايس ايس پي ميرپورخاص ڪيپٽن اسد چوڌري، سي آءِ اي سينٽر ميرپورخاص ۽ سنڌڙي ٿاڻي جي ايس ايڇ او سميت 8 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته چيف سيڪريٽري پاران ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي معطل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه جي هدايت تي معطل پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي پوليس لائن ميرپورخاص ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.
وڏي وزير جي ترجمان موجب، لاڳاپيل اٿارٽي جي اجازت کانسواءِ آفيسر ۽ اهلڪار هيڊڪوارر نٿا ڇڏي سگهن.
معطل پوليس اهلڪارن ۾ ايس ايڇ او سنڌڙي انسپيڪٽر نياز محمد کوسو، سي آءِ اي سينٽر ميرپورخاص جو اي ايس آءِ هدايت الله شامل آهن.
سنڌڙي ٿاڻي جو هيڊ ڪانسٽيبل لکمير، ڪانسٽيبل الهجڙيو ۽ ڪانسٽيبل محمد صديق به معطل ٿيلن ۾ شامل آهن.
سي آءِ اي سينٽر ميرپورخاص جي ڪانسٽيبل نادر پرويز، ڪانسٽيبل غلام قادر ۽ فرمان علي کي به معطل ڪيو ويو آهي.
وڏي وزير جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سينيئر سپرينٽينڊنٽ آف پوليس ميرپورخاص شبير احمد سيٺار معطلي جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.
پنهنجي بيان ۾ صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته ميرپورخاص تي لاڳاپيل ايس ايڇ او سي آءِ اي ۽ ٻين پوليس عملدارن کي اڳ ئي معطل ڪيو ويو آهي.
گذريل ڏينهن صوبائي گهرو وزير معاملي جي مک ڪردار ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص خلاف قانوني ڪارروائي لاءِ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي لکيو هو، جنهن کانپوءِ معطلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.
صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو ته سنڌ سرڪار قانون جي بالادستي تي يقيني رکي ٿي ۽ هن سلسلي ۾ گهربل حڪم جاري ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندي.- Advertisement -
