تازه ترين

نوجوان قيادت ملڪ جا مسئلا حل ڪرڻ جو عزم ۽ حوصلو رکي ٿي:يوسف رضا گيلانيءَ

- Advertisement -
سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلانيءَ چيو آهي ته نوجوان قيادت ملڪ جا مسئلا حل ڪرڻ جو عزم ۽ حوصلو رکي ٿي، سموري قوم کي بلاول ڀٽو زرداريءَ جي اڳواڻيءَ وارين صلاحيتن تي فخر آهي. بلاول ڀٽو زرداريءَ جي 36هين سالگرهه جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ يوسف رضا گيلاني چيو ته جنم ڏينهن جي موقعي تي هو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ کي واڌايون ڏي ٿو. هن چيو ته بلاول نفرت ۽ ورهائڻ واري سياست ختم ڪري نوجوانن لاءِ اڳتي وڌي رهيو آهي، پ پ چيئرمين عوام جي ترجماني ۽ قيادت  جو ڀرپور جذبو رکي ٿو. سينيٽ چيئرمين چيو ته جمهوريت ۽ جمهوري روايتن لاءِ بلاول ڀٽو زرداريءَ جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. يوسف رضا گيلاني چيو ته بلاول ڀٽو زرداري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي جو مشن اڳتي وڌائي رهيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
18 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
31.4 ° C
31.4 °
31.4 °
26 %
3.7kmh
1 %
سُومر
31 °
اڱارو
34 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون