- Advertisement -
اسرائيلي اخبار پي ٽي آءِ باني کي اسرائيل جو حامي قرار ڏئي ڇڏيو، ٽائمز آف اسرائيل پنهنجي مضمون ۾ چيو آهي ته تحريڪ انصاف باني اسرائيل جو حامي سياستدان آهي، فوجي اسٽيبلشمينٽ ڊگهي عرصي کان پاڪ اسرائيل لاڳاپا بهتر ٿيڻ ۾ رنڊڪ وڌي آهي، ڊونلڊ ٽرمپ جي وائيٽ هائوس ۾ واپسي پاڪ اسرائيل لاڳاپا بهتر ڪرڻ ۾ تيزي آڻي سگهي ٿي.
اسرائيلي اخبار يروشلم پوسٽ جي آرٽيڪل ۾ تحريڪ انصاف باني کي اسرائيل جو حامي قرار ڏنو ويو، يروشلم پوسٽ، اسرائيلي اخبار ٽائمز آف اسرائيل جي دعوائن جي تصديق ڪري ڇڏي.
آرٽيڪل ۾ لکيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف باني مخالف بيان ڏيڻ باوجود اسرائيل سان بهتر لاڳاپن جا اشارا ڏيندو رهيو، پي ٽي آءِ باني اسرائيل لاءِ هم خيال سياستدان آهي ۽ تحريڪ انصاف باني جي چونڊن ۾ ڪاميابي پاڪ اسرائيل لاڳاپن جو نئين سر جائزو وٺڻ جو موقعو آهي.
اسرائيلي اخبار جي آرٽيڪل ۾ چيو ويو آهي ته فوجي اسٽيبلشمينٽ ڊگهي عرصي کان پاڪ اسرائيل لاڳاپا بهتر ٿيڻ ۾ رنڊڪ وڌي آهي، ڊونلڊ ٽرمپ جي وائيٽ هائوس ۾ واپسي پاڪ اسرائيل لاڳاپا بهتر ڪرڻ ۾ تيزي آڻي سگهي ٿي.- Advertisement -
