- Advertisement -
فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس، يحيى سنوار بابت اسرائيلي پروپيگنڊا کي ڪوڙو قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو.
پنهنجي هڪ بيان ۾ حماس ترجمان ڊاڪٽر خالد قدومي چيو آهي ته حماس جي سربراهه يحيى سنوار خيريت سان آهي ۽ غزه ۾ حماس جي سياسي ۽ عسڪري قيادت سان رابطي ۾ آهي.
ڊاڪٽر خالد قدومي جو چوڻ هو ته يحيى سنوار غزه ۾ اسرائيل خلاف مزاحمت جي قيادت ڪري رهيو آهي، سندس رابطو ڪٽجڻ واري اسرائيلي پروپيگنڊا ڪوڙي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته اسرائيلي ڪوڙيون خبرون ڦهلائي فلسطيني عوام جو حوصلا ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو پر هو ثابت قدم عظيم فلسطيني عوام کي ڪڏهن به شڪست نٿو ڏئي سگھي.- Advertisement -
