تازه ترين

جيڪب آباد:ايم ڊي ڪيٽ جو پرچو آئوٽ ٿيڻ خلاف شاگردن جو احتجاجي مظاهرو

- Advertisement -
جيڪب آباد ۾ ايم ڊي ڪيٽ پيپر وقت کان اڳ آئوٽ ٿيڻ خلاف شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. غلام رسول پيچوهو، فاطمه سومري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي. احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هڻندي چيو ته ايم ڊي ڪيٽ جو پيپر وقت کان اڳ مافيا پاران ٻاهر آندو ويو، جيڪو غريب شاگردن ۽ شاگردياڻين جي حقن تي ڌاڙو آهي. هنن چيو ته شاگرد ۽ شاگردياڻين سڄو سال محنت ڪن ٿا، آخري رات تي پيپر آئوٽ ڪري مستقبل سان کيڏيو وڃي ٿو. سندن چوڻ هو ته گذريل سال به پيپر آئوٽ ٿيو هو، هن ڀيري به ساڳئي روايت برقرار رکي وئي. احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڊائو يونيورسٽي طرفان ورتل ٽيسٽ رد ڪري ڪنھن ٻئي يونيورسٽي کان شفاف ايم ڊي ڪيٽ جي ٽيسٽ ڪرائي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
55 %
1.7kmh
18 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون