مشعال ملڪ پاران وزيراعظم شهباز شريف جي جنرل اسيمبلي خطاب جي آجيان

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ وزيراعظم شهباز شريف جي جنرل اسيمبلي جي خطاب جي آجيان ڪئي آهي.

حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ گڏيل قومن جي اجلاس ۾ پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف جي تقرير تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي وزيراعظم ڪشمير جي صورتحال دنيا آڏو پيش ڪئي آهي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي وزيراعظم ڀارت جي ڪشمير ۾ دهشتگردي کي دنيا اڳيان بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ، 10 لک فوج جي واپسي ۽ ڪاري قانون کي ختم ڪيو وڃي.

مشعال ملڪ جو چوڻ هو ته جيستائين 5 آگسٽ جي غير قانوني کنيل قدم واپس نه ورتا ويندا تيستائين صورتحال ٺيڪ ٿيڻ جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي.

هن چيو ته پاڪستان جي وزيراعظم دنيا اڳيان بلڪل صحيح موقف پيش ڪيو آهي، عالمي دنيا کي ڪشمير مسئلي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.

هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي اهو عالمي ۽ انساني حقن جي واضح ڀڃڪڙي آهي.

مشعال ملڪ جو چوڻ هو ته ڀارت هن وقت دنيا جي سڀ کان وڏي رياستي دهشتگردي ڪري رهيو آهي، والاريل ڪشمير ۾ هڪ فاشسٽ حڪومت آهي جيڪا ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪري رهي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته ڀارت جو گڏيل موقف سڄي خطي کي جنگ جي لپيٽ ۾ آڻي سگهي ٿو، جيڪڏهن دنيا ڪشمير مسئلي تي ڌيان نه ڏنو ته اها ڪشميرين سان وڏي ناانصافي هوندي، ڪشمير مسئلو هڪ فليش پوائنٽ آهي جنهن سان پورو خطرو متاثر ٿي سگهي ٿو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.6 ° C
21.6 °
21.6 °
43%
3.1m/s
0%
سُومر
21 °
اڱارو
30 °
اربع
31 °
خميس
31 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون