تازه ترين

سنڌ هائيڪورٽ عمري جي بهاني پينو فقيرن کي سعودي عرب موڪلڻ واري ڪيس ۾ ايف آءِ اي ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ هائيڪورٽ عمري جي بهاني پينو فقيرن کي سعودي عرب موڪلڻ واري ڪيس ۾ ايف آءِ اي ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

ملتان جي ٽريول ايجنٽ سندس خلاف ڪراچي ۾ داخل ٿيل ڪيس ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو.

ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته درخواستگذار تي ڪهڙو الزام آهي؟

درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ايف آءِ اي ٽريول ايجنٽ محمد عطا خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

وڪيل چيو ته ايف آءِ اي الزام هنيو آهي ته ڪجهه ماڻهو عمري لاءِ نه پر پنح لاءِ سعودي عرب موڪليا ويا آهن.

وڪيل چيو ته ايف آءِ اي طرفان ڄاڻايل ٽريول ايجنٽ کي پنجن پينو فقيرن کي ويزا ڏيڻ جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي.

وڪيل چيو ته محمد عطا ٽريول ايجنٽ آهي هن جي ذميواري ٽڪيٽ ڏيارڻ آهي پر ويزا وٺڻ ٽريول ايجنٽ جي ذميواري ناهي.

وڪيل جو چوڻ هو ته درخواستگذار خلاف پينو فقيرن کي سعودي عرب موڪلڻ جي الزام ۾ ملتان ۾ 2 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته ملتان ۾ داخل ٻنهي ڪيسن مان محمد عطا کي بري ڪيو ويو آهي، ڪراچي ۾ داخل ڪيس کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد ايف آءِ اي ۽ ٻين واسطيدارن ڌرين کي نوٽيس جاري ڇڏيا.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
44 %
2.2kmh
30 %
خميس
24 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون