پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري تحريڪ انصاف تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته جڏهن ملڪ جون حالتون بهتر ٿيڻ ٿيون ته انهن جو ڏڦيڙ شروع ٿي وڃي ٿو، ڏڦيڙي ٽولي کي راولپنڊي ۾ ڪوبه تماشا ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
اطلاعات جي وزير عظميٰ بخاري لاهور ۾ پريس ڪندي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن ۾ فلسطين ۽ ڪشمير جو ڪيس وڙهيو، هن پنهنجي خطاب ۾ پاڪستان جي ترجماني ڪئي، پوري دنيا ڪشمير ۽ فلسطين تي پاڪستان جو موقف ٻڌو.
هن چيو ته وزيراعظم اسرائيلي وزيراعظم جي تقرير جو بائيڪاٽ ڪيو، جنهن کانپوءِ باقي ملڪن به اسرائيلي وزيراعظم جو بائيڪاٽ ڪيو.
صوبائي وزير چيو ته جڏهن ملڪ جون حالتون بهتر ٿيڻ لڳن ٿيون ته انهن جو ڏڦيڙ شروع ٿي وڃي ٿو.
عظميٰ بخاري جو چوڻ هو ته جيل ۾ ويٺل ڏڦيڙ کي ملڪ جو امن پسند نٿا اچي، راولپنڊي ۾ ڏڦيڙ جو پروگرام ٺاهيو ويو آهي.
هن چيو ته راولپنڊي ۾ رينجرز کي مقرر ڪري قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن ڪنهن قانون ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته قانون حرڪت ۾ ايندو.
سندس چوڻ هو ته ڪي پي جي وڏي وزير کي پنهنجي صوبي جي پرواهه ناهي، وڏي وزير جي هٿ ۾ فائل هجڻ گهرجن يا بندوق؟ لَتن جا ڀوت ڳالهين سان ناهن مڃيندا، اڄ به راولپنڊي ۾ حملي جو پروگرام ٺاهيو ويو آهي.
هن چيو ته توهان کي پيٽرول بم اڇلائڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، روڊ بلاڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙن سان لوهن هٿن سان منهن ڏنو ويندو.
هن چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدو طئي ٿي ويو آهي ۽ پهرين قسط به ملي وئي آهي، آءِ ايم ايف کان قرض جي پهرين قسط ملڻ بعد معاشي صورتحال مستحڪم ٿي ويندي.
