تازه ترين

وفاقي حڪومت 6 وزارتون ۽ ڏيڍ لک خالي پيل جايون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
وفاقي حڪومت 6 وزارتون ۽ ڏيڍ لک خالي پيل جايون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته حڪومت 6 وفاقي وزارتون ختم ڪرڻ بابت فيصلو ڪري ورتو آهي، هاڻي ان تي عمل ڪرڻو پوندو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد اورنگزيب چيو ته آءِ ايم ايف سان اسٽينڊ باءِ معاهدو ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتو آهي، اهو سڀ وزيراعظم شهباز شريف جي ڪوششن سان ٿيو آهي، اڳوڻي نگران حڪومت جو به ان ۾ مثبت ڪردار هو، هاڻي معاشي استحڪام ايندو. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جو مقصد معاشي استحڪام ۽ هلندڙ منصوبن کي مڪمل ڪرڻ آهي. هن چيو ته ان پروگرام کان پوءِ اهي معاشي استحڪام طرف تيزيءَ سان اڳتي وڌندا، ميڪرو اڪنامڪ استحڪام منزل نه پر هڪ رستو آهي. هن چيو ته هو اسٽاڪ ايڪسچينج تي ناهي ڳالهائيندو پر اها سٺي ڳالهه آهي ته اها هاڻي نئين حدن کي پار ڪري رهي آهي، پراميد آهي ته ايڪسچينج اگهه۽ پاليسي اگهه سندن اميدن موجب برقرار رهندا. محمد اورنگزيب چيو ته 6 وفاقي وزارتن بابت فيصلو ٿي چڪو آهي، هاڻي ان تي عمل ڪرڻو آهي، 2 وفاقي وزارتن کي ضم ڪيو پيو وڃي، هڪ کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته سيڙپڪارن جو اعتماد معيشت جي مضبوطي لاءِ وڏي ڪاميابي آهي، سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ واڌ ٿي آهي، ڪابينا پگهار نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو، هنن ڪجهه ٻيون شيون به ڪيون. ناڻي واري وزير چيو ته ايف بي آر ۾ ٽيڪس نظام ۾ انساني مداخلت ختم ڪرڻي آهي، ٽيڪس وصولي لاءِ انساني حقن جو تحفظ ضروري آهي، هنن وٽ هر قسم جو ڊيٽا موجود آهي جيڪو اهي استعمال ڪندا، هن وقت رڳو 14 سيڪڙو ريٽيلرز سيلز ٽيڪس لاءِ رجسٽرڊ آهن، غير رجسٽرڊ ماڻهن جي يوٽيلٽي سروسز کي بلاڪ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا. هن چيو ته کين ايف بي آر جي ڪارڪردگي وڌائڻي آهي، آڊٽ ڪرائڻ ايف بي آر جو ڪم ناهي، ان حوالي سان اهي 2 هزار چارٽرڊ اڪائونٽنٽ ڀرتي ڪري رهيا آهن، ٽيڪس ڪليڪٽرز جو به سخت احتساب ٿيندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33.2 ° C
33.2 °
33.2 °
4 %
7.4kmh
0 %
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
37 °
جمعو
35 °

تازه ترين خبرون