- Advertisement -
مسلم ليگ ن جي صدر ميان نواز شريف چيو آهي ته رياست جي ٿنڀن به ملڪ سان سٺو ورتاءُ نه ڪيو، کين ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي ها ته ملڪي حالتون مختلف هجن ها، ڪڏهن اڍائي ته ڪڏهن وري ٽن سالن کانپوءِ کين فارغ ڪيو ويو، هو چار قدم اڳتي وڌڻ کانپوءِ اٺ قدم پوئتي هليا ويندا آهن، 75 سالن کانپوءِ به ماڻهن جو وڏو انگ پنهنجي گهرن کان وانجهيل آهي.
لاهور ۾ پنهنجي ڇت پنهنجو گهر اسڪيم جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ن ليگ جي صدر نوازشريف چيو ته عوام جو پيسو عوام تي خرچ ٿيڻ گهرجي، عوام جي محنت جي ڪمائي مٿن ئي خرچ ڪئي پئي وڃي.
هن چيو ته عوامي نمائندن کي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي ها ته اڄ ملڪ ۾ ڪو به بي گهر نه هجي ها، هڪ ڪمرو به ٺهرايو وڃي ته انسان پريشان ٿي وڃي ٿو.
نوازشريف چيو ته ڪوڙ ۽ خدمت جي سياست ۾ فرق هوندو آهي، ملڪي آباديءَ جو وڏو حصو پنهجن گهرن کان محروم آهي.
سندس چوڻ هو ته رياست جي ٿنڀن به ملڪ سان سٺو ورتاءُ نه ڪيو، کين ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي ها ته ملڪي حالتون مختلف هجن ها.
ن ليگ جي صدر چيو ته قرض تي هڪ پيسو به وياج نه پيو ورتو وڃي، سندن مخالف آءِ ايم ايف کي ٻيهر پاڪستان ۾کڻي آيا، جڏهن به ملڪ ۾ ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اڍائي، ٽن ورهين بعد فارغ ڪيو ويو، هو چار قدم اڳتي وڌڻ کانپوءِ اٺ قدم پوئتي هليا ويندا آهن.
هن چيو ته مخالف پنجاب ۽ خيبرپختونخوا کي وڙهائڻ چاهن ٿا، هي ماڻهو ڪي پي کان پنجاب ۾ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل کڻي اچن ٿا.
ننوازشريف چيو ته پي ٽي آءِ باني عاجزي سکي ۽ الله کان معافي گهري، نوازشريف جي ڳچيءَ ۾ رسو وجهي کيس وزيراعظم هائوس کان ٻاهر ڪڍندس وارا لفظ چوندڙ شخص اڄ جيل ۾ آهي.
- Advertisement -
