تازه ترين

سنڌ جي ايڪسائيز کاتي پريميم نمبر پليٽن جي ملڪ جي پهرين آن لائن نيلامي جي شروعات ڪري ڇڏي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جي ايڪسائيز کاتي پريميم نمبر پليٽن جي ملڪ جي پهرين آن لائن نيلامي جي شروعات ڪري ڇڏي، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته فنڊ ريزنگ لاءِ پريميم نمبر پليٽن جي نيلامي پلاٽينم، گولڊ ۽ سلور گيٽيگريز ۾ ٿيندي، نيلامي مان حاصل ٿيندڙ رقم ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ سنڌ پيپلز هائوسنگ پراجيڪٽ کي ڏني ويندي، هي جديد عوامي خدمت جو سفر سنڌ حڪومت جو اهم قدم آهي.

سنڌ جي ايڪسائيز کاتي پريميم نمبر پليٽن جي ملڪ جي پهرين آن لائن نيلامي جي شروعات ڪري ڇڏي.

سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته فنڊ ريزنگ لاءِ پريميم نمبر پليٽن جي نيلامي پلاٽينم، گولڊ ۽ سلور گيٽيگريز ۾ ٿيندي، نيلامي مان حاصل ٿيندڙ رقم ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ سنڌ پيپلز هائوسنگ پراجيڪٽ کي ڏني ويندي.

هن چيو ته هي جديد عوامي خدمت جو سفر سنڌ حڪومت جو اهم قدم آهي، شهري پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائن ۽ آن لائن نيلامي ۾ حصو وٺن جيئن خصوصي نمبر پليٽون حاصل ڪري سگهن ۽ هڪ نيڪ مقصد ۾ پنهنجو حصو شامل ڪن.

سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته نيلامي ۾ شرڪت ڪندڙ سرڪاري ويب سائيٽ ذريعي رجسٽرڊ ٿي سگهن ٿا، خواهشمند ماڻهو ايڪسائيز کاتي جي ايپ ڊائون لوڊ ڪري به حصو وٺي سگهن ٿا، نيلاني رجسٽريشن بعد ٽن ڏينهن تائين جاري رهندي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.1 ° C
30.1 °
30.1 °
21 %
4.4kmh
5 %
جمعو
29 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون