تازه ترين

تحريڪ انصاف هڪ دفعو ٻيهر ماڻهو مارڻ جي منصوبا بندي ڪري رهي آهي:فيصل واوڊا

- Advertisement -
سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته تحريڪ انصاف هڪ دفعو ٻيهر ماڻهو مارڻ جي منصوبا بندي ڪري رهي آهي، ملڪ بهتري طرف وڃي پيو ۽ شيون سستيون ٿي رهيون آهن،  پاڪستان جي ترقي ۽ خودمختاري کي هاڻي ڪير به روڪي نه ٿو سگهي، آزاديءَ جي ڳالهه ڪندڙ  پي ٽي آءِ  باني کي سڀ کان پهريون پنهنجي پٽن کي ڏيهه واپس آڻڻ گهرجي، رياست جي عملداري چئلينج ڪندڙن جو باب هميشه لاءِ بند ٿي ويندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فيصل واوڊا چيو ته تحريڪ انصاف کي هاڻي لاش گهرجن، پي ٽي آءِ باني لاشن جي سياست ڪرڻ چاهي ٿو. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف باني پنهنجي پٽڻ کي پاڪستان گهرائي، پي ٽي آءِ باني يهودين جي غلامي ڪري رهيو آهي. سينيٽر فيصل واوڊا چيو ته معصوم ماڻهن کي مارائڻ لاءِ احتجاج جو سڏ ڏنو پيو وڃي، اقتدار لاءِ هڪ پارٽي ڪريل راند کيڏي رهي آهي، تحريڪ انصاف باني کي فڪر آهي ته معيشيت بهتر ٿي رهي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني آزادي ۽ غلامي جون ڳالهيون ڪري پيو، پهريان پاڻ کي ذهني غلامي مان ڇوٽڪارو ڏياري، ريڊ زون ۾ ان لاءِ اچڻ چاهن ٿا ته جهيڙو ٿئي. سينيٽر فيصل واوڊا چيو ته پرڏيهي شخصيتون پاڪستان اچي رهيون آهن، پاڪستان ۾ سيڙپڪار اچن پيا، ملڪ بهتري طرف وڃي پيو ۽ شيون سستيون ٿي رهيون آهن،  پاڪستان جي ترقي ۽ خودمختاري کي هاڻي ڪير به روڪي نه ٿو سگهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.4 ° C
22.4 °
22.4 °
46 %
2kmh
0 %
خميس
22 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
32 °
آچر
33 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون