تازه ترين

اقتصادي رابطا ڪميٽيءَ دفاعي منصوبن لاءِ 45 ارب رپين جي سپليمينٽري گرانٽ سميت اهم منصوبن لاءِ رقم جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
اقتصادي رابطا ڪميٽيءَ دفاعي منصوبن لاءِ 45 ارب رپين جي سپليمينٽري گرانٽ سميت اهم منصوبن لاءِ رقم جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ ايِ سي سي جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران ڪميٽيءَ اينٽي ريبيز ويڪسين جي اگهه ۾ اضافي جي منظوري ڏني. منظوري بعد اينٽي ريبيز في وائل جي قميت 891 رپين مان وڌائي 1980 رپيا ڪئي وئي آهي. ايِ سي سي اينٽي نارڪوٽڪس فورس جي ملازمن جي الائونس ۾ اضافي جو فيصلو ڪيو، ملازمن لاءِ ڊيلي الائونس ۾ 20 سيڪڙو اضافي جي منظوري سان 264 ڏهائي 744 ملين رپيا خرچ ٿيندا. پاڪستان ۾ ڪوپ 29 جي تياري لاءِ 150 ملين رپين جي ٽيڪنيجي سپليمينٽري گرانٽ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ ڏکڻ ايشيائي گيمز جي ميزبانيءَ لاءِ 400 ملين رپين جي درخواست  وڌيڪ غور ڪيو ويو. ناڻي واري وزير جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ دفاعي منصوبن لاءِ 45 ارب رپين جي سپليمينٽري گرانٽ جي به منظوري ڏني وئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.8 ° C
29.8 °
29.8 °
21 %
2.8kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون