- Advertisement -
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي ڊي چوڪ تي احتجاج جي خواهش پوري نه ٿيندي، پي ٽي آءِ وارا اسلام آباد تي حملي لاءِ اچي رهيا آهن، ڪنهن به پوليس اهلڪار وٽ هٿيار ناهي، مظاهرو ڪندڙن وٽ هٿيار آهن، احتجاج ڪرڻ هر سياسي پارٽي جو حق آهي پر پي ٽي آءِ وارن جي ايجنڊا ٻئي آهي.
اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته ڪالهه به درخواست ڪئي هئي ته احتجاج ڪرڻ جو وقت ناهي، جهڙي طرح احتجاج ٿي رهيو آهي ائين اجازت نه ڏني ويندي، ٻاهران آيل مهمانن کي اهو ٻڌائڻو آهي ته هو هڪ محفوظ ملڪ ۾ آهن.
سندس چوڻ هو ته پوليس، سڪيورٽي ادارا ۽ ضلعي انتظاميا پورو ڪم ڪندي، آءِ جي کان وٺي هر پوليس اهلڪار الرٽ آهي، سموري صورتحال اوهان جي سامهون آهي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته جيڪي ماڻهو احتجاج جو سوچي رهيا آهن کين هڪ ڀيرو ملڪ بابت ضرور سوچڻ گهرجي، تحريڪ انصاف جي جيڪا خواهش آهي اها پوري نه ٿيندي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا اسلام آباد تي حملي لاءِ اچي رهيا آهن، ڪنهن به پوليس اهلڪار وٽ هٿيار ناهي، مظاهرو ڪندڙن وٽ هٿيار آهن، احتجاج ڪرڻ هر سياسي پارٽي جو حق آهي پر پي ٽي آءِ وارن جي ايجنڊا ٻئي آهي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته ڪي پي جو وڏو وزير پاڪستاني آهي، کيس سوچڻ گهرجي ته ڇا ڪري رهيو آهي، سندس وٽ سڄو صوبو آهي جتي مرضي احتجاج ڪري، احتجاج ڪرڻ سندن حق آهي پر اهو طريقو ٺيڪ ناهي.- Advertisement -
