- Advertisement -
پ پ شهيد ڀٽو جي باني مير مرتضيٰ ڀٽو جي فرزند ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو آهي ته شاهنواز ڪنڀر جي قتل ۾ ملوث سمورن اهلڪارن کي گرفتار ڪيو وڃي، پوليس جي جاچ تي اعتماد ناهي، معاملي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي.
ذوالفقار ڀٽو جونيئر عمرڪوٽ ڀرسان ڳوٺ جانهيرو پهچي عدالت کان مٿڀرو قتل ٿيل ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي وارثن سان ملاقات ڪري انصاف لاءِ هر جدوجهد ۾ سهڪار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد هُن قبر تي حاضري ڀري دعا پڻ گُهري.
ذولفقار ڀٽو جونئير، ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي امڙ ۽ گهر واري کي روئندي ڏسي پاڻ به لڙڪ لاڙي ويٺو ۽ ڊاڪٽر شاهنواز جي پٽ کي ڀاڪر ڀري پيار ڪيو.
ان موقعي تي ذولفقار ڀٽو جونئير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪا پوليس سندن محافظ آهي ان پوليس جي آفسيرن ڊاڪٽرن شاهنواز ڪنڀر کي گوليون هڻي بيدردي سان ماريو آهي.
هن چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي جنهن طريقي سان پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ ماريو آهي ان طريقي سان پوليس سندس بابا مير مرتضيٰ ڀٽو کي به گوليون هڻي ماريو هو.
سندس چوڻ هو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي قتل ڪندڙ پوليس اهلڪار ڪيس داخل ٿيڻ باوجود آزاد گهمي رهيا آهن، پوليس فورن قاتل گرفتار ڪري.
ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي خاندان کي پوليس جاچ تي اعتماد ناهي، واقعي جي جوڊيشل انڪوائري ڪرائي گهر ڀاتين کي تحفظ ڏنو- Advertisement -
