پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کان واقعي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي.
پ پ چيئرمين، وڏي وزير کي امن امان جي قيام کي يقيني بڻائڻ لاءِ فول پروف قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران ڌماڪي ۾ پنهنجي پيارن کي وڃائيندڙن خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو.
پ پ چيئرمين ڌماڪي ۾ زخمين ٿيلن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ ڪوششن جي حمايت جاري رکڻ جو وچن ڪيو.
