- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته افسوس جي ڳالهه آهي جو چين کي يقين ڏيارڻ باوجود ڪراچي جو واقعو پيش آيو جنهن ۾ 2 چيني انجنيئر ماريا ويا، چيني شهرين جي سڪيورٽي لاءِ سخت انتظام هئڻ گهرجن.
وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظ۾ شهباز شريف چيو ته ڪالهه ڪراچي ۾ دهشتگردي جا انتهائي افسوسناڪ واقعا ٿيا جنهن ۾ سندن 2 چيني ڀائر مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿيو، جڏهن ته حملي ۾ ڪجهه پاڪستاني به زخمي ٿيا.
هن چيو ته بشام واقعي کانپوءِ چيني حڪومت طرفان ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ اهو پيغام ڏنو ويو هو ته پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سڪيورٽي لاءِ مضبوط قدم هئڻ گهرجن ۽ جڏهن هو جون ۾ چين ويو ته انهن کي ان ڳالهه جو يقين ڏياريو ويو پر ان باوجود بدقسمتي سان ڪالهه اهڙو واقعو پيش آيو.
هن چيو ته وفاق تي ڏينهن رات چڙهائي ڪئي پئي وڃي ۽ 2014ع ۾ به ڪيترائي مهينا ڊي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو جيڪو چيني صدر جو دورو ملتوي ڪرڻ لاءِ هيو، 2014ع ۾ دشمن جو جيڪو عزم هو هي ان جو تسلسل آهي.
وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ انهن معاملن کي بلڪل سنجيده نه ورتو، جتي ڌرڻا ۽ باهيون ڏنيون وينديون اتي ڪير اچي سيڙپڪاري ڪندو.
هن چيو ته ملڪ جون پاڙون ڪٽڻ لاءِ سازش ڪيون پيون وڃن ۽ ان جٿي کي پاڪستان جي ترقي منظور نه آهي، هنن کي اهو فڪر آهي ته معيشيت ٺيڪ ٿي وئي ته کين ڪير پڇندو.
هن چيو ته ويجهڙ ۾ ملائيشيا جي وزيراعظم جو پاڪستان جو دورو گهڻو ڪامياب رهيو آهي، حلال گوشت ۽ چانورن بابت ملائيشيا ڪمنٽمينٽ جو اظهار ڪيو، هاني سعودي عرب جو وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ اچي رهيو آهي.
وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي ايس سي او جو ڪيترن ئي سالن کانپوءِ مهمانوازي جو موقعو ملي رهيو آهي پر ايس سي او جي موقعي تي چيني دوستن کي ٽارگيٽ ڪيو ويو ته جيئن پاڪستان ۽ چين وچ ۾ لاڳاپا خراب ٿي وڃن.
وزيراعظم شهباز شريف واضح ڪيو ته جهڙي طرح چيني صدر جو پاڪستان جو دورو ملتوي ٿيو هو اهڙي طرح شنگهائي سهڪار تنظيم کي پٽڙي تان لاهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
ان کان اڳ وزيراعظ۾ شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اهم فيصلن جي منظوري ڏني وئي.
ڪابينا اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جڏهن ته ايس سي او ڪانفرنس جي تيارين جو جائزو به ورتو ويو، وفاقي ڪابينا کي سمورن وزارتن ۾ اي سسٽم نظام آڻڻ تي بريفنگ به ڏني وئي.- Advertisement -
