تازه ترين

حڪومت طرفان 26هين آئيني ترميم شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس بعد پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو امڪان

- Advertisement -
حڪومت طرفان 26هين آئيني ترميم شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس بعد پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب شنگهائي سهڪار تنظيم جي پندرهن ۽ سورهن آڪٽوبر تي اجلاس بعد آئيني ترميم پارليامينٽ ۾ آندي ويندي. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس هاڻي ايس سي او اجلاس کانپوءِ گهرايا ويندا. حڪومت جي ڪوشش آهي ته سياسي پارٽين جي ڀرپور صلاح مشوري بعد آئيني ترميم آندي وڃي، پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن ۾ باقاعده بحث ۽ اتفاقِ راِ بعد آئيني ترميم تي ووٽنگ ٿيندي. ٻئي پاسي سومر ڏينهن ايوان صدر ۾ وڏن جي وڏي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي به سامهون اچي وئي آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته تنظيم کانسواءِ هو اڪيلي سر فيصلو نه ٿو ڪري سهگي، ترميم لاءِ جي يو آءِ 80 سيڪڙو مسودو تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو جلد ڳالهين واري ٽيم حوالي ڪيو ويندو. صدر آصف علي زرداري ۽ نوازشريف مولانا فضل الرحمان کي گڏ هلڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
27 ° C
27 °
27 °
42 %
2.8kmh
20 %
اربع
26 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون