فيض گنج ڀرسان تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 3 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
مهراڻ هاءِ وي تي جلالجي اسٽاپ وٽ تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو.
حادثي جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ميهڙ واسي گلزار چانڊيو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته عرض محمد ۽ محمد اقبال چانڊيو زخمي ٿي پيا.
اطلاع تي پوليس پهچي فوتي جو لاش ۽ زخمين کي فيض گنج رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو، جتي ٻنهي زخمين دم ڌڻيءَ حوالي ڪري ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته فوتين جي وارثن کي اطلاع ڪيو ويو آهي، حادثي بعد ڪار روڊ کان هيٺ لهي وئي آهي جنهن ۾ سوار ٿيلن کي ٻاهر ڪڍيو ويو آهي.
