- Advertisement -
عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف جي نمائندي ايشتر پيريز چيو آهي ته پاڪستان پاليسين ۾ غلطيون ڪيون، نئين قرض پروگرام تي ڪامياب عمل لاءِ مضبوط پاليسين جي ضرورت آهي، اين ايف سي ايوارڊ اهم عنصر آهي، جنهن تي مڪمل طور عمل ناهي ٿيو.
ايس ڊي پي آءِ جي تقريب کي خطاب ڪندي ايشتر پيريز چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام ذريعي ٽيڪس جو دائرو وڌايو ويندو، نئين پروگرام تحت زرعي شعبي کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو ويندو.
هن چيو ته غذائي جنسن جي امدادي اگهه مقرر ڪرڻ ۾ حڪومتي ڪنٽرول ختم ڪيو ويندو، جڏهن ته ريٽل ۽ ريئل اسٽيٽ سيڪٽرن ۾ به ٽيڪس آمدني وڌائي ويندي.
آءِ ايم ايف جي نمائنديِ چيو ته سماجي شعبي کي تحفظ ڏيندي هڪ بهتر ۽ وڌيڪ اثرائتو ٽيڪس نظام بڻائڻو پوندو، آءِ ايم ايف جي نئين پروگرام جو مقصد خانگي شعبي جي قيادت ۾ ترقيءَ کي هٿي ڏين آهي.
ايشتر پيريز چيو ته گذريل سالن ۾ استحڪام باوجود اسٽريڪلچرل چئلنج آڏو رهيا، پاڪستان پاليسين ۾ غلطيون ڪيون، هر پروگرام جو مقصد پاليسين کي بهتر بڻائڻو پوندو، نئين قرض پروگرام تي ڪامياب عمل لاءِ مضبوط پاليسين جي ضرورت آهي.
هن چيو ته هر طرح سان پاڪستان جي مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هو سياست کان پري رهندا آهن، سندن مقصد رڳو پاليسين ۽ معيشت کي ڏسڻ هوندو آهي.- Advertisement -
