- Advertisement -
ڀارت جي ڪينيڊا ۾ دهشتگردي بينقاب ٿي وئي، غير ملڪي سرزمين تي ڀارت جي غيرقانوني ۽ مجرماڻيون سرگرميون هڪ ڀيرو ٻيهر ظاهر ٿي پيون، ڪينيڊا ۾ 6 ڀارتي سفارتڪارن کي ڳجهين سرگرمين ۾ ملوث هئڻ تي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو.
ملڪ بدر ٿيندڙن ۾ ڪينيڊا ۾ ڀارتي هاءِ ڪمشنر سنجي ڪمار ورما ۽ ٻيا سفارتڪار ۽ عهديدار شامل آهن.
ڪينيڊا اختيارين موجب پوليس ٺوس ثبوتن جي بنياد تي 14 آڪٽوبر تي 6 ڀارتي سفارتڪارن کي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو.
ڪينيڊين پوليس جو چوڻ آهي ته مودي سرڪار جي سکن خلاف پرتشدد مهم ۾ ملوث هئڻ جا ٺوس شاهد حاصل ٿيا هئا.
ڪينيڊين پوليس ڪمشنر مائيڪ ڊوهيم چيو ته جاچ ۾ اها ڳالهه اڳيان آئي آهي ته ڪينيڊا ۾ رهندڙ ڀارتي سفارتڪار ۽ قونصلر پنهنجي پوزيشن جو فائدو کڻندي ڳجهين سرگرمين ۾ ملوث آهن.
هن چيو ته انهن ڳجهين سرگرمين دوران ڀارتي سفارتڪار مودي سرڪار لاءِ پنهنجي ايجنٽس ذريعي معلومات گڏ ڪندا آهن.
ڪمشنر موجب شاهدين مان اها به ڄاڻ ملي آهي ته ڀارتي ايجنٽن ذريعي ڪينيڊا ۾ مختلف ادارن کي معلومات جمع ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته جمع ڪيل معلومات کي ڏکڻ ايشيائي ڪميونٽي جي ڪارنن کي نشانو بڻائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.
هن چيو ته ڪينيڊين پوليس اهڙيون شاهيون حاصل ڪيون آهن جيڪي ڪيترائي سنگين مسئلا ظاهر ڪن ٿيون، جڏهن ته خالستاني اڳواڻن جي قتل جي ڪيس بابت به شاهديون هٿ ڪيون ويون آهن.
ڀارت ۾ ڪينيڊا جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر اسٽيورٽ ويلر چيو ته ڀارت ڏکڻ ايشيائي ڪميونٽي سميت ڪينيڊا ۾ خالصتان جي حامي عنصرن کي خاص طور تي نشانو بڻائي رهيو آهي.
ڀارت جواب ۾ ڪينيڊين هاءِ ڪمشنر سميت 6 سفارتڪارن کي ملڪ بدر جو فيصلو ڪيو آهي، ڀارتي حڪومت کين ملڪ ڇڏڻ لاءِ 19 آڪٽوبر تائين جو وقت ڏنو آهي.- Advertisement -
