ڪراچيءَ ۾ ٿيل ڪارساز سانحي کي 17 ورهيه وهامي ويا پر المناڪ واقعي جو ڏک اڄ به تازو آهي

- Advertisement -
ڪراچيءَ ۾ ٿيل ڪارساز سانحي کي 17 ورهيه وهامي ويا پر المناڪ واقعي جو ڏک اڄ به تازو آهي. 18 آڪٽوبر 2007ع اهو ڏينهن آهي، جڏهن اڳوڻي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو ڊگهي جلاوطني بعد وطن پهتي ته ڪراچي ايئرپورٽ تي سندس شاندار آڌرڀاءُ ڪيو ويو. عوامي سمنڊ سبب محترمه بينظير ڀٽو جي ٽرڪ منٽن جو سفر ڪيترن ئي ڪلاڪن ۾ طئي ڪري ڪارساز تائين پهتي ته هڪٻئي پٺيان ٻه زوردار ڌماڪا ٿيا. ڌماڪن سموريون خوشيون قيامت صغريٰ ۾ تبديل ڪري ڇڏيون، ڌماڪا ٿيندي ئي هر طرف رڳو رڙيون ۽ ايمبولينس جي سائرن جا آواز گونجي ويا، هن افسوسناڪ واقعي ۾ 150 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ سوين زخمي ٿي پيا هئا. ڪارساز سانحي کي 17 ورهيه وهامي وڃڻ باوجود واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ ناهي آندو ويو. هر سال ڪارساز وٽ شهيدن جي يادگار تي اڳواڻ ۽ جيالا گڏ ٿيندا آهن ۽ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندا آهن، هن سال به پيپلز پارٽي پاران حيدرآباد ۾ جلسو ٿي رهيو آهي. پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻيا اڳواڻ هٽڙي بائي پاس گرائونڊ ۾ جلسي کي خطاب ڪندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
30 ° C
30 °
30 °
30%
4.7m/s
13%
اڱارو
30 °
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون