- Advertisement -
ڪراچيءَ جي علائقي ڊفينس مبارڪ مسجد ڀرسان ڪار تي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته شهري 15 کان 20 منٽن تائين ڪنهن جو انتظار ڪندو رهيو ۽ فون تي به ڪنهن سان رابطي ۾ هو.
پوليس موجب ان دوران ٻه ڄڻا موٽرسائيڪل تي آيا ۽ فائرنگ ڪري ڏني، مارجي ويل جي سڃاڻپ عمير طور ٿي.
پوليس موجب لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جوابدارن جي ڳولا لاءِ ڪوششون جاري آهن.- Advertisement -
