آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪري غزه ۽ لبنان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي

- Advertisement -
آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪري غزه ۽ لبنان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سعودي عرب جي راڄڌاني رياض ۾ ٿيل ملاقات ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن وچ ۾ خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ خاص طور تي غزه ۽ لبنان جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن غزه جي پٽي ۽ لبنان ۾ جاري فوجي آپريشن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان کي روڪٿام ۽ ان سبب پيدا ٿيل سيڪورٽي ۽ انساني اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪوششون جو جائزو ورتو. عرب ميڊيا موجب ملاقات ۾ سعودي عرب ۾ آمريڪي سفير ۽ پرڏيهي وزير جي وفد ۾ سعودي قومي سلامتي جو صلاحڪار ڊاڪٽر موساد العبيکان ۽ جنرل انٽيليجنس چيف خالد الحميدان به شرڪت ڪئي. ان کان اڳ آمريڪي پرڏيهي وزير پنهنجي سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان سان به ملاقات ڪئي جنهن ۾ خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ سميت غزه پٽي ۽ لبنان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن اسرائيل جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اڄ سعودي عرب پهتو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.3 ° C
24.3 °
24.3 °
37%
1m/s
0%
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °
آچر
30 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °

تازه ترين خبرون