آرمي چيف جنرل عاصم منير جو پاڪستان ايئرفورس جي آپريشنل ايئر بيس جو دورو

- Advertisement -
آرمي چيف جنرل عاصم منير هوائي فوج جي آپريشنل ايئربيس جو دورو ڪيو آهي، جتي هن گهڻ ملڪي هوائي مشق انڊس شيلڊ 2024 جو مشاهدو ڪيو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير هوائي فوج جي آپريشنل ايئربيس جو دورو ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف گهڻ ملڪي هوائي مشق انڊس شيلڊ 2024 جو مشاهدو ڪيو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته هوائي فوج جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو آرمي چيف جو استقبال ڪيو، ان موقعي تي سامونڊي فوج جو سربراهه ايڊمرل نويد اشرف به موجود هو. آءِ ايس پي آر موجب، فوجي مشق خطي جي گهڻ ملڪي مشق آهي، جنهن ۾ 24 ملڪن جي هوائي فوج حصو ورتو آهي، مشق جو ماٽيو سٽرونگز وين ٽوگيدر آهي، گهڻ ملڪي مشق جو مقصد جديد سهولتن ذريعي پيشواراڻي صلاحيتن ۽ تربيت کي بهتر بڻائڻ آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف هوائي فوج جي جنگي تيارين ۽ مختلف جديد ٽيڪنالاجيز ذريعي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو، جنرل عاصم منير مشق آپريشنز، پيشواراڻي صلاحيتن جو مظاهرو به ڏٺو. آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف کي هوائي فوج کي جديد بڻائڻ ۽ سڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي، جنرل عاصم منير پي اي ايف فائٽر جيٽ جو هوائي مظاهرو به ڏٺو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف ايئر ڪريو سان به مليو ۽ وطن جي حفاظت لاءِ سندس عزم ۽ صلاحيتن جي ساراهه ڪئي، جنرل عاصم منير ٻين فوجن جي سهڪار جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته آپريشنل ڪاميابي لاءِ گڏيل سهڪار اڻٽر آهي. هوائي فوج جي سربراهه دورو ڪرڻ تي آرمي چيف جا ٿورا مڃيندي چيو ته جنرل عاصم منير جي دوري سان هوائي ۽ زميني فوج ۾ سهڪار، تربيت ۽ آپريشنل صلاحيتن کي هٿي ملندي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو هوائي فوج کي جديد هٿيارن سان ليس ڪرڻ بابت بريفنگ ڏني، سندس چوڻ هو ته انڊس شيلڊ مشق شريڪ ملڪن جي فوجن جي صلاحيتن کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي، مشق سان شريڪ ملڪن جي فوجن جي جنگي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ مدد ملندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
6 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.7 ° C
28.7 °
28.7 °
25%
3.2m/s
0%
ڇنڇر
31 °
آچر
31 °
سُومر
29 °
اڱارو
32 °
اربع
34 °

تازه ترين خبرون